تاج صحرائي لائبريري دادو

تاج صحرائي لائبريري دادو: سنڌ جي نامور شاعر، اديب، محقق، تاريخدان، قديم آثارن جي ماهر تاج صحرائيءَ، پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ هڪ ذاتي لائبريري قائم ڪئي هئي. هن لائبريريءَ ۾ تاريخ، جاگرافي، سائنس، مذهب، نصابي ڪتاب، رسالا، جريده ۽ اخبارون محفوظ آهن ۽ هر موضوع تي ڪتاب موجود آهن، جن جو تعداد هزارن ۾ ٿيندو. تاج صاحب جي وفات بعد ڪتابن جو ڪافي ذخيرو ضايع ٿي ويو آهي. هن لائبريريءَ ۾ سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي زبان ۾ ڪتاب موجود آهن. تاج صحرائي جن قديم ماڳن جو مشاهدو ڪيو ۽ اتان کيس جيڪي قديم شيون ۽ نوادرات هٿ آيا، سي پنهنجي گهر ۾ مخصوص ڪمري ۾ محفوظ رکي ڇڏيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو